ماهوار بادل

ماهوار بادل

بادل (رسالو)

بادل (رسالو ):”بادل“ نالي هڪ ماهوار باتصوير رسالو سيپٽمبر 1965ع ۾ جان محمد نوناري، عمرالدين بيدار ۽ ٻين ڪجهه اديبن ۽ ادب دوستن حيدرآباد مان ڪڍيو. هيءُ اُن دور جو هڪ اهم ادبي رسالو هو، جنهن ۾ سياست، ادب، جاسوسي ادب، فلمن ۽ ٻارن بابت مواد ڇپجڻ شروع ٿيو. هن رسالي جو پهريون ايڊيٽر عمرالدين بيدار رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ عبدالرحمان پليجو به هن رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. هڪ چڱو عرصو مشهور فلمساز غلام حيدر صديقي هن رسالي جو اعزازي نگران رهيو، بعد ۾ وري عمرالدين بيدار ۽ پوءِ عبدالحق عظيم هن رسالي جا ايڊيٽر ۽ قمر ڪوهستاني، فهميده حسين ۽ شهزادو گلفام اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيا.
هن رسالي نه رڳو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ بابت شاهڪار تخليقون ۽ مقالا شايع ڪيا، پر علمي ادبي بحث، ادبي تنقيد، سنڌيءَ ۾ فلمي ادب ۽ ٻارن جي مواد کي همٿائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. امرجليل ۽ اي. جي اُتم جي بحث، رسول بخش پليجي جي ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ تي محمد ابراهيم جويي جي تنقيد، شخصيتن جو تعارف، سراج ميمڻ ۽ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي لسانيات جي موضوع تي ڏي وٺ ۽ فلمي مواد هن رسالي جي جان هئا. هن رسالي سان نامور اديبن محمد ابراهيم جويي، سراج، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، غلام علي الانا، ابن الياس سومري، شمس الدين عرساڻيءَ ۽ ٻين جو قلمي سهڪار رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.00.00  عيسوي

” بادل “ نالي هڪ ماهوار باتصوير رسالو سيپٽمبر 1965ع ۾ جان محمد نوناري ، عمرالدين بيدار ۽ ٻين ڪجهه اديبن ۽ ادب دوستن حيدرآباد مان ڪڍيو



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شراڌن جي سوکڙي
تنوير عباسي- هڪ مطالعو
سنڌ جا سورما 2
تاريخ سنڌ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس
اڪالي
اندر تون اجار
سڌارٿ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعزيتي تاثرات
ٻڍل جو رسالو
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون